صاف پاڻي جي لاءِ فلٽر جي صفائي به ضروري آهي

news

ڪراچي: آچر 14 اپريل 2019: گهر ۾ استعمال ٿيندڙ شيون اڪثر ڪري تبديل ٿينديون رهنديون هيون، ڪڏهن ايئن ئي ۽ ڪڏهن ضرورت موجب، جڏهن ته جن گهرن ۾ واٽر فلٽر استعمال ڪيو ويندو آهي، اتي جا ماڻهو انهن کي تبديل ڪرڻ ئي وساري ڇڏيندا آهن.

پيئڻ جي صاف پاڻي جو بحران وڌڻ جي ڪري ڪجهه ماڻهو بوتل جي پاڻي جو استعمال ڪرڻ ته ڪجهه ماڻهو گهرن ۾ صاف پاڻي جي لاءِ فلٽر لڳائيندا آهن. پر ٿيندو ايئن آهي جو ڪجهه ماڻهو فلٽر لڳائڻ کانپوءِ وساري ڇڏيندا آهن ته ڪو فلٽر جي صفائي ۽ ان جي ڪجهه حصن کي تبديل به ڪرڻو آهي.

ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته گهر ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي جي مقدار، پاڻي جو معيار ڏسي ڪري پاڻي جو رنگ بورنگ جو آهي يا سڌو سنئون نلڪن ۾ اچي ٿو. 3 يا 6 هفتن ۾ فلٽر جي حصن جي تبديلي ٿيڻ گهرجي ۽ صفائي ڪوشش ڪري ماهوار ڪرڻ گهرجي.

فلٽر مان حاصل ٿيندڙ پاڻي جو پريشر، تبديل ٿيندڙ ذائقو ۽ اوچتو محسوس ٿيندڙ بوءَ هن ڳالهه جي نشاندهي ڪندو آهي ته هاڻ فلٽر جي صفائي ۽ ڪجهه حصن کي تبديل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. گهڻي عرصي کان فلٽر جي صفائي کي نظرانداز ڪرڻ سان هڪ ڏينهن ايئن به ٿي سگهي ٿو ته توهان کي سڄو فلٽر ئي تبديل ڪرڻو پئجي وڃي. فلٽر جي صفائي کي نظرانداز ڪرڻ سان پيئڻ جو صاف پاڻي حاصل ڪرڻ صرف وهم ئي رهجي ويندو آهي.