پاڪستاني اداڪاره ميرا جي نڪاح بابت اپيل تي ٻڌڻي وڪيلن جي هڙتال سبب ٻن هفتن لاءِ ملتوي

news

لاهور: (سومر 15 اپريل 2019ع) پاڪستاني اداڪاره ميرا جي نڪاح بابت اپيل تي ٻڌڻي اڄ وڪيلن جي هڙتال سبب ملتوي ٿي وئي. عدالت وڪيلن جي هڙتال سبب ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن  لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

ايڊيشنل سيشن جج عدنان طارق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت گذريل ٻڌڻي ۾ ميرا جي وڪيلن جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي هئي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ميرا جي وڪيلن کي حتمي بحث لاءِ ٻيهر گهرائي ورتو آهي.

ياد رهي ته تيرنهن اپريل تي اداڪاره ميرا ۽ عتيق الرحمان جي معاملي ۾ سيشن ڪورٽ ايندڙ ٻڌني تي وڪيلن کان حتمي دليل طلب ڪيا هئا. ايڊيشنل سيشن جج عدنان طارق اداڪاره ميرا جي درخواست تي ٻڌني ڪئي هئي. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي هئي ته حتمي بحث ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. عدالت درخواست منظور ڪندي وڪيلن کي پندرنهن اپريل  تائين مهلت ڏني هئي.