ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان

news

نئين دلي: سومر 15 اپريل 2019ع: ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ لاءِ ويرات ڪوهلي جي قيادت ۾ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

بي سي سي آءِ موجب پندرنهن رڪني اسڪواڊ ۾ روهت شرما نائب ڪپتان جا فرض انجام ڏيندو جڏهن ته اسڪواڊ ۾ ٽي ورلڊ ڪپ کيڏندڙ مهندر سنگهه ڌوني به شامل آهي.

بي سي سي آءِ موجب انگلينڊ ۾ کيڏيو ويندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم ويرات ڪوهلي، روهت شرما، شکر ڌون، مهندر سنگهه ڌوني، دنيش ڪارٿڪ، وجي شنڪر، ڪيدر ياديو، هاردڪ پانڊيا، ڪي ايل ياديو، يزويندر چهل، روندرا جڊيجا، جسپريت بمرا، محمد شامي ۽ ڀونيشور ڪمار تي ٻڌل هوندي.

ورلڊ ڪپ 2019ع لاءِ هينئر تائين نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا طرفان ٽيمن جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان 18 اپريل تي ڪيو ويندو.