چين پاڻي ۽ سُڪي تي هلندڙ دنيا جي پهرين ڊرون ٻيڙي تيار ڪري ورتي

news

بيجنگ: سومر 15 اپريل 2019ع: چين ڊرون ٽيڪنالاجي سان سلهاڙيل دنيا جي پهرئين بحري ۽ بري محاذ تي ڪارائتي ٻيڙي تيار ڪري ور تي آهي.

عالمي خابرو اداري موجب چين پهرين ڊرون ٻيڙي جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، اها ٻيڙي پاڻي ۽ سُڪي ۾ هڪ جيتري طور تي سفر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ان کي ريموٽ ڪنٽرول وسيلي سيٽلائيٽ تان به هلائي سگهجي ٿو. چين جي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته اها ڊرون ٻيڙي بري ۽ بحري محاذ تي هڪ جهيتري طور تي جنگ وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

حيرت جوڳين صلاحيتن سان مالامال هجڻ سبب ان ڊرون بيڙي کي Marine Lizard  يعني سامونڊي ڪرڙي جو نالو ڏنو ويو آهي.

ان ٻيڙي جي سڀ کان خاص ڳالهه زمين تي پهچندي ئي پنهنجي اندر موجود جنگي ٽين جيان لوهه جي پٽي ۾ بند ڦيٿن کي ڪڍڻ ۽ انهن تي سفر جاري رکڻ آهي، انهن ٽريڪس وسيلي ڊرون ٻيڙي 20 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر طئه ڪري سگهي ٿي جڏهن ته پاڻي ۾ ترندي اهي ٽريڪس ٻيري جي اندر رهندا آهن.

ٽن خانن واري ڊرون ٻيڙي جي ڊيگهه 12 ميٽر آهي جنهن کي هائيڊرو جيٽ جي مدد سان هلايو ويندو ۽ اسٽيلٿ ٽيڪنالاجي جي وزن سان ان جي رفتار 50 نوٽس تائين ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ان جي رينج 1200 ڪلوميٽر تائين آهي.