مٽياري ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ ڊاڪٽر نرگس ناز پاران پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان

news

اڏيرو لال اسٽيشن: سومر 15 اپريل 2019ع:مسلم ليگ نواز جي صوبائي اڳواڻ ۽ مٽياري جي قومي تڪ اين اي 223 جي ٽڪيٽ هولڊر ڊاڪٽر نرگس ناز پاران مسلم ليگ نواز کي الوداع ڪندي پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.

هن اهڙو اعلان پي ٽي آءِ ضلعي مٽياري جي صدر رميش ڪمار منگلاڻي جي موجودگي ۾ ڪيو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته آئون عمران خان جي نظريي کان متاثر ٿي پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري رهي آهيان، عمران خان جي 22 سالن جي مسلسل جدوجهد جو نتيجو آهي جو اڄ عمران خان ملڪ جو وزيراعظم آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هوته آصف زرداري ۽ نواز شريف چور آهن، انهن جو مقدر جيل آهي، خان صاحب جي قيادت ۾ پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ضلعي مٽياري جي صدر رميش ڪمار منگلاڻي ڊاڪٽر نرگس ناز کي پارٽي ۾ ڀليڪار ڪندي چيوته اسان ڊاڪٽر نرگس ناز کي پارٽي ۾ ڀليڪار چئون ٿا.

هن چيوته ڊاڪٽر نرگس ناز جي پارٽي ۾ اچڻ سان مٽياري ضلعي ۾ پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. ان موقعي تي نذير سمون انصاف اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا اڳواڻ ديپڪ ڪمار ڪوهستاني، سنتوش ڪمار، آصف ملاح، جمن ساهووال ۽ نعمان بهلم سميت پارٽي ورڪر وڏي انگ ۾ موجود هئا.01