انڪائونٽر اسپيشلسٽ چوڌري اسلم جي زندگي تي ٺهندڙ فلم جو پوسٽر جاري

news

ڪراچي: سومر 15 اپريل 2019ع: پوليس لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شهيد ايس ايس پي چوڌري اسلم جي زندگي تي ٺهندڙ فلم چوڌري دي مارٽر جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو.

شهيد ايس ايس پي چوڌري اسلم ڪراچي پوليس ڊپارٽمينٽ جو اهو بهادر آفيسر هو جيڪو دهشتگردن لاءِ خوف جي علامت سمجهيو ويندو هو.

سندس بهادري ۽ دليري جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس گهر تي ٿيندڙ حملي کانپوءِ به هن دهشتگردن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو هو، ان موقعي تي ان جو تاريخي جملو دهشتگردن شينهن جي وات ۾ هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي مشهور ٿيو هو.

ڪراچي ۾ امن لاءِ شهيد چوڌري اسلم جون بي مثال خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي پوليس جو شينهن چيو ويندڙ چوڌري اسلم جو هڪ منفرد ئي انداز هو.

کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سندس شروعاتي زندگي کان وٺي شهادت تائين جي سفر تي هڪ فلم ٺاهي پئي وڃي جنهن جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي.

مشهور هدايتڪار عظيم سجاد جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم چوڌري دي مارٽر جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ شهيد چوڌري اسلم جو ڪردار طارق اسلام ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻين ڪردارن ۾ مشهور اداڪار ارباز خان ۽ اصغر مناني، شمعون عباسي، عدنان شاهه ٽيپو ۽ مشهور ماڊل زارا عابد شامل آهن.