سنڌ يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جو سسٽم آن لائين ٿي ويو، وائيس چانسلر پاران افتتاح

news

ڄامشورو:سومر 15 اپريل 2019ع: سنڌ يونيوسٽي پاران هڪ وڌيڪ اهم اڳڀرائي، اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جو سسٽم آن لائين ٿي ويو، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران آن لائين ويب پورٽل جو افتتاح ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ وائيس چانسلر آن لائين ويب پورٽل www.sfao.usindh.edu.pk جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته آن لائين ويب پورٽل اهم اڳڀرائي آهي، جنهن سان ضرورتمند شاگردن توڙي شاگردياڻين کي مختلف اسڪالرشپس بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ، اپلاءِ ڪرڻ جي طريقيڪارڄاڻڻ  سميت آن لائين فارم ڀرڻ ۾ وڏي سهولت حاصل ٿيندي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي اڪثريت غريب خاندانن سان تعلق رکي ٿي ۽ سندس ڪوشش آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن،  وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ مختلف ادارن  جي اسڪالرشپس توڙي پنهنجي مدد پاڻ تحت هلندڙ فنڊ مان وڌ مان وڌ ضرورتمند شاگردن جي ميرٽ تحت مدد ٿي سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته هو ڪڏهن به اها ڳالهه پسند نه ڪندو ته يونيورسٽي ۾ زير تعليم ڪو شاگرد مالي مسئلي ۽ پريشانين جي ڪري پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي واپس هليو وڃي، ان لاءِ هي وڌ کان وڌ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي هن يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي به اها گذارش ڪئي ته اهي پنهنجي وس آهر هر مهيني يونيورسٽي پاران غريب شاگردن جي مدد لاءِ قائم فنڊ  ۾ حصو ڳنڍين ته جيئن وڌ ۾ وڌ شاگردن جي مدد ٿي سگهي. ان موقعي تي هن آن لائين ويب پورٽل جي قيام جي سلسلي ۾ ورتل ڪوششن تي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فضا قريشي ۽ سندس پوري ٽيم جي محنتن کي پڻ ساراهيو.

تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فضا قريشي چيو ته هن ويب پورٽل جي قيام جو مقصد ضرورتمند شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ ۽ سندن وقت بچائڻ ۽ کين سهولت ڏيڻ آهي. هن ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي تعاون، رهنمائي ۽ مدد جي پڻ خصوصي مهرباني مڃي.

تقريب ۾ اسٽوڊنٽس فنانشنل ايڊ آفيس جي آفيسر قمر نانگراج پنهنجي تفصيلي بريفنگ ۾ ايڇ اي سي جي نيڊ بيسڊ، نيڊ ڪم ميرٽ، بيت المال، منارٽي اسڪالرشپ، شيڊيول ڪاسٽ اسڪالرشپ، سنڌ يونيورسٽي جي پوئر بوائز فنڊ، انڊومينٽ اسڪالرشپ سميت مختلف اسڪالرشپس بابت ڄاڻ ڏني ۽ ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن دوران مختلف اسڪالرشپس ذريعي ضرورتمند شاگردن جي 23 ڪروڙ روپين جي مدد ڪئي وئي آهي. پنهنجي بريفنگ ۾ هن آن لائين ويب پورٽل ذريعي اسڪالرشپ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ، فارم ڀرڻ جي طريقيڪار وغيره بابت پڻ ٻڌايو. هن تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽي جي مختلف فئڪلٽيز جي ڊينز، ڊائريڪٽرز، تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن سميت استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.01