سنڌ اسيمبلي ۾ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي خلاف مذمتي قرارداد منظور

news

ڪراچي: سومر 15 اپريل 2019ع: سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير شهلا رضا طرفان متحدا قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت وفاقي وزير خالد مقبول صديقي کي سنڌ ورهائڻ جي حوالي سنا بيان خلاف مذمتي قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿوي، اجلاس ۾ صوبائي وزير شهلا رضا طرفان وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي بيان خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪئي وئي.

قرارداد ۾ چيو يوو آهي ته هتي مهاجر ڪوبه ناهي پر اسان سڀ پاڪستاني ۽ سنڌي آهيون ان ڪري ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي سنڌ جي ورهاڱي بيان تي معافي گهري.

قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه عرصي کان ڪراچي جي عوام کي بيوقوف بڻايو ويو، سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي ۽ اسان ڪيئن ان جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري سگهون ٿا؟.

شهلا رضا قرارداد ۾ چيو ته اسان کي ٻولي جي مسئلا مان اڳتي نڪرڻو پوندو. ان کانپوءِ اسيمبلي ۾ خالد مقبول صديقي جي بيان خلاف مذمتي قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي.

ان کان اڳ اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي تقرير دوران اپوزيشن طرفان احتجاج به ڪيو ويو.