آءِ جي پنجاب کي عهدي تان هٽايو ويو، سندس جاءِ تي عارف نواز مقرر

news

لاهور: سومر 15 اپريل 2019ع: آءِ جي پنجاب امجد سليمي کي عهدي  تان هٽايو ويو، حڪومت طرفان جاري نوٽيفڪيشن ۾ آءِ جي پنجاب امجد سليمي کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

امجد سليمي جي جاءِ تي عارف نواز کي نئون آءِ جي پنجاب مقرر ڪيو ويو آهي.

عارف نواز خان پوليس گروپ جي گريڊ 22 جو آفيسر آهي جيڪو ان کان اڳ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جي سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو هو.

امجد سليمي کي آڪٽوبر 2018ع ۾ آءِ جي پنجاب مقرر ڪيو ويو هو، ان کان اڳ هو آءِ جي سنڌ به رهي چڪو آهي، امجد سليمي کان اڳ آءِ جي پنجاب طاهر نواز خان کي به تبديل ڪيو ويو آهي.