لاڙڪاڻو جي چانڊڪا اسپتال ۾ پيرسن فوت، وارثن جو ڊاڪٽر خلاف احتجاج

news

لاڙڪاڻو: سومر 15 اپريل 2019ع:لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال ۾ شهر جي يار محمد ڪالوني جو رهواسي دماغ جي بيماري ۾ ورتل 50 ورهين جو پيرسن سعيد احمد چانڊيو فوت ٿي ويو جڏهن ته وارثن ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي ميڊيڪل يونٽ ٿري ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جتي هنن ڊاڪٽرن خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي فوتي پيرسن جي وارثن رشيد چانڊيو، قربان علي چانڊيو ۽ ٻين دانهيو ته چار ڏينهن اڳ سعيد احمد چانڊيو کي دماغي اٽيڪ ٿيو، جنهن کي ترت علاج لاءِ چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال جي ميڊيسن وارڊ ۾ داخل ڪرايو، جتي کيس چئن ڏينهن تائين مسلسل طبي امداد ڏني وئي.

هنن چيو ته اڄ صبح جي وقت ڊاڪٽر حبيب الرحمٰن قادري الٽراسائونڊ ۽ سي ٽي اسڪين جي ٽيسٽن جو مشورو ڏنو، جنهن تي عمل کي سموريون ٽيسٽون ڪرايون. هنن الزام لڳايو ته ڊاڪٽر مسلسل غفلت جو مظاهرو ڪندي الٽراسائونڊ ۽ سي ٽي اسڪين ڪرائڻ بعد پيرسن مريض سعيد احمد چانڊيو جو علاج نه ڪيو، جنهن ڪري هو تڙپي تڙپي فوت ٿيو آهي.

هنن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽر حبيب الرحمٰن قادري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن سخت وارثن جي سخت احتجاج بعد ٻين ڊاڪٽرن پهچي فوتي مريض جي وارثن سان ڳالهيون ڪري کين انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن تي احتجاج ختم ڪيو ويو.01