فيس بڪ نيوز فيڊ ۽ اسٽوريز کي گڏ ڪرڻ لاءِ تيار

news

لنڊن: سومر 15 اپريل 2019: گذريل هفتي هي خبر سامهون آئي هئي ته فيس بڪ ميسنجر کي هڪ ڀيرو وري پنهجي مرڪزي ايپ جو حصو بڻايو پيو وڃي ۽ هاڻ هڪ ڪمپني نيوز فيڊ ۽ اسٽوريز کي گڏ ڪرڻ لاءِ ٽيسٽ شروع ڪري ڏني آهي.

جي ها هان ايئن لڳي ٿو ته فيس بڪ نيوز فيڊ ۽ اسٽوريز کي هڪ سوائپ ايبل بائيبرڊ بڻايو پيو وڃي. فيس بڪ سميت مختلف سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس تي اچڻ واريون تبديلين کي نظر ۾ رکڻ واري سافٽ وئير انجنيئر جين مين چون وونگ هڪ ٽوئيٽ ۾ فيس بڪ جي هن نئين تبديلي جو اسڪرين شاٽ پوسٽ ڪيو آهي.

هن ٽوئيٽ ۾ هن چيو آهي ته فيس بڪ نئين فارميٽ جي آزمائش ڪري رهي آهي ۽ اينيميٽڊ تصوير ۾ هو نيوز فيڊ کي اسٽوريز جي طرح استعمال ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن فيس بڪ ۾ اهڙي تبديلي تي عملدرآمد ڪري ٿي ته پوءِ صارفين مٿي کان هيٺ اسڪرول بدران ساڄي يا کاٻي سوائپ يا ڪلڪ ڪري نيوز فيڊ جو مواد ڏسي سگهن ٿا.

هن تصوير ۾ هي به نظر اڇي رهيو آهي ته نيوز فيڊ ۽ اسٽوريز جو مواد گڏو گڏ رن ڪندا ۽ اهڙي هي ٻئي هڪ ٻئي ۾ ملڻ جي قريب ٿي ويندا ۽ اهڙي اشتهار به هن مڪسچر ۾ پنهنجي جاڳهه ڳولي وٺندا. فيس بڪ ۾ هي وڏي تبديلي آهي پر وڌيڪ حيران ڪندڙ ناهي، ڇاڪاڻ ته فيس بڪ اسٽوريز تي تمام گهڻي توجهه ڏئي رهي آهي.