سلمان خان جي فلم ڀارت جي نئين پوسٽر سوشل ميڊيا تي هلچل مچائي ڇڏي

news

ممبئي: سومر 15 اپريل 2019: بالي ووڊ جي نئين فلم ڀارت ۾ سلمان خان جي ڪردار کي ڏسي سندس چاهيندڙن ۾ تمام گهڻو تجسس وڌي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب نئين بالي ووڊ جي فلم ڀارت ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ مشهور اداڪار سلمان خان جي چاهيندڙ گهڻي تجسس ۾ وٺجي ويا آهن ته سلمان خان هن فلم ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن فلم جي ٽريلر ۾ سلمان خان عمر جا مختلف دور ڏيکاريا ويا آهن.

چيو پيو وڃي ته فلم پاڪ هند ورهاست واري موضوع تي ٺاهي وئي آهي. هن فلم ۾ هندستان جي ورهاست دوران دل کي ڏکوئيندڙ منظر به ڏيکاريا ويندا. هن فلم ۾ جيڪي شروف ۽ ڊيشا پتاني به ڪم ڪري رهيا آهن. هي فلم 5 جون تي عيدالفطر واري موقعي تي رليز ڪئي ويندي.