ميرپورخاص ويجهو چار ڳوٺاڻن کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو، اسپتال ۾ ويڪسين نه هجڻ خلاف احتجاج

news

ميرپورخاص: سومر 15 اپريل 2019ع:78 موري ويجهو 4 ڄڻن وسايو ماڇي، شاھ محمد مري، شريف مهر ۽ گلشير سولنگي کي ڇتي ڪتي ڏاڙھي وڌو، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي وئڪسين نه هجڻ ڪري مريضن کي حيدرآباد ريفر ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن تي مريضن جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته اسان غريب آھيون، حيدرآباد نٿا وڃي سگهون.

ان موقعي تي سماجي اڳواڻ واجد لغاري، ڪريم بخش مري، امام الدين مهر، محمد عمر مهر ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ وئڪسين موجود نه آھي، جنهن ڪري اسان کي حيدرآباد وڃڻ لاءِ چئي رهيا آھن. هنن چيو ته اسان غريب آھيون، حيدرآباد وڃڻ لاءِ اسان وٽ پئسا ناهن.

جڏھن ته بازار ۾ وئڪسين بليڪ تي وڪرو ٿئي ٿي، جيڪا وٺڻ جي طاقت ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته وئڪسين ڪرائي وڃي. ٻئي طرف سول اسپتال جي اهم ذريعن ٻڌايو ته گذريل ڇھ مهينن کان وئڪسين ناهي، جنهن ڪري مريضن کي حيدرآباد ريفر ڪيو وڃي ٿو.

هوڏانهن سول سرجن ڊاڪٽر اڪرم سلطان چيو ته سڄي سنڌ ۾ وئڪسين ناهي. ٽن مهينن کان اسان کي وئڪسين ناهي ملي، جنهن ڪري اسين مجبور آھيون.01