پيرس جي ساڍا اٺ سئو سال پراڻي گرجا گهر ۾ باهه لڳي وئي

news

پيرس: سومر 15 اپريل 2019:  پيرس جي ساڍا اٺ سئو سال پراڻي گرجا گهر ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ تاريخي عمارت کي سخت نقصان پهتو.

اطلاعن موجب فرانس جي گادي واري هنڌ پيرس ۾ واقع تاريخي نوٽرڊيم چرچ جي ڇت تي باهه لڳي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي مينار کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ گرجا گهر جي مٿانهين حصي مان باهه جا شعلا ۽ دونهين جا ڪڪر ڏسي سگهجن ٿا.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ جون ٽيمون باهه تي قابو ڪرڻ لاءِ واقعي واري هنڌ تي پهچي ويون ۽ آخري اطلاعن تائين باهه وسائڻ جو ڪم جاري هو.

چرچ ۾ باهه لڳڻ سبب فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جو طئه ٿيل خطاب ملتوي ٿي ويو ۽ هو وزيراعظم ايڊوا فلپ سان گڏجي باهه وساڻ جي عمل جو جائزو وٺڻ لاءِ پهچي ويو.

تاريخي نوٽرڊيم چرچ ۾ باهه جا سبب سامهون نه اچي سگهيا جڏهن ته چرچ ۾ مرمت ۽ آرائش جو ڪم جاري هو.