ملير جي عبدالله ڳوٺ ۾ پورهيت جون ٽي معصوم نياڻيون پراسرار بيماري ۾ ورتل، واهر جي اپيل

news

ڪراچي: سومر 15 اپريل 2019ع:تعلقو ميرپور بٺورو ضلعي سجاول جي رھائشي رشيد احمد جانوري جون ٽي معصوم نياڻيون، پنجن سالن جي صائما ٻن سالن جي زھرا، ڏيڍ سال جي عزرا پرسرار بيماري سبب اکين جو نور وڃائي ويٺيون، نياڻين جي علاج لاءِ ملير جي علائقي عبدالله ڳوٺ ۾ ڪرائي جي گھر ۾ پنھنجي ٽن معصوم ٻارڙين جي علاج لاءِ چار سئو روپين ۾ محنت مزدوري ڪندڙ پورھيت پنھنجي در ڪٿاءَ ٻڌائيندي اکين مان لڙڪ لاڙي صحافين کي ٻڌايو ته غريب آھيان وس آھر پنھنجي نياڻين جو علاج ڪرائي رھيو آھيان.

نياڻين جي بيماري بابت ڪابه ڄاڻ ناھي پئجي سگھي، پيدائش طور نياڻيون تندرست ھيون، جنھن کانپوءِ اوچتو جھٽڪا لڳڻ ڪري اکين جو نور وڃائي چڪيون آھن ۽ مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويون آھن، بيماري سبب کائڻ پيئڻ به سندن جو نلي ذريعي ٿيندو آھي، ڳالھائڻ کان به محروم بڻجي ويون آھن. 

هن چيو ته غربت سبب نياڻين جو علاج نٿو ڪرائي سگھان، نياڻين جي علاج لاءِ پنھنجو سڀ ڪجھ وڪڻي چڪو آھيان، ڪم ڪار نه ملڻ ڪري گھر ۾ فاڪاڪشي ڪاٽي رهيا آهيون، گھر جو ڪرايو به پاڙي وارا چندو ڪري ڏيندا آھن، منھنجي ٻن پٽن اٺ سالن جو وسيم علي ۽ ڇھ سالن جو محمد سليم تعليم جي زيور کان محروم آھن.

ھنن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ مون وٽ ڪابه وصيت ناھي، جو ھن کي تعليم ڏياري سگھان، هن چيو ته سجاول جي ايم پي اي اعجاز شاھ شيرازي ۽ ايم اين اي اياز شاھ شيرازي وٽ به ويس پر انھن اھو چئي مونکي واپس ڪري ڇڏيو ته اوھان جھڙا ڪيترائي ماڻھو پنھنجي ٻارڙن جي بيماري جو بھانو بڻائي پئسا وصول ڪرڻ ايندا آھن.

اوھان پنھنجا ٻارڙا کڻي اچو ته اسين ڏسون، هن چيو ته مون وٽ هڪ ويلو ماني کائڻ جيترا پئسا ناهن ٽن ٻارڙن کي اھڙي حالت ۾ ڪيئن کڻي وڃا، هن چيو ته ملير جي ايم پي اي ساجد جوکيو وٽ پڻ ويس پر اتان به گارڊن ڌڪا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو.

ھن وزيراعظم عمران خان، سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ، ايم پي اي اعجاز شاھ شيرازي، ايم اين اي اياز شاھ شيرازي ۽ ملير جي ايم پي اي ساجد جوکيو کان مطالبو ڪيو آھي ته خدارا منھنجي ٽن معصوم نياڻين جي علاج لاءِ منھنجي مالي مدد ڪري منھنجي نياڻين جي زندگي بچائي وڃي.01