پشاور ويجهو حيات آباد جي گهر ۾ لڪل دهشتگردن خلاف آپريشن پنج دهشتگرد مارجي ويا

news

پشاور: (اڱارو 16 اپريل 2019ع)   پشاور ۾  هڪ گهر ۾ لڪل دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي اهلڪارن جي آپريشن ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا آهن تهه خاني ۽ گرائونڊ فلور کي ڪليئر ڪرايو ويو آهي جڏهن ته مقابلي ۾ اي ٽي ايس جو هڪ جوان قمر عالم شهيد ٿي ويو آهي.

پشاور ۾ جاري دهشتگردن جي خلاف آپريشن آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آهي. گذريل رات پوليس حيات آباد فيز سيون جي سيڪٽر ٽي ۾ گهر ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو. جنهن ۾ بنهي طرفن کان فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو. فائرنگ جي نتيجي ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته اي ٽي ايس جو هڪ جوان قمر عالم شهيد ٿي ويو ۽ ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

آپريشن دوران ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي. آپريشن ۾ پوليس جي مدد جي لاءِ پاڪ آرمي جا جوان به پهچي ويا آهن جنهن کان پوءِ ڪور ڪمانڊر پشاور شاهين مظهر به موقعي تي پهچي ويو آهي ۽ آپريشن جو معائنو ڪري رهيو آهي. سي سي پي او موجب آپريشن هن وقت آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آهي. جڏهن ته آپريشن مڪمل ڪرڻ ۾ اڃان ڪجهه ٽائيم لڳندو سي سي پي او قاضي جميل الرحمان موجب دهشتگرد جنهن گهر ۾ موجود آهن اتان جي مٿئين حصي ۾ آپريشن هلندڙ آهي.