ڪي پي پوليس دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي: وڏو وزير محمود خان

news

پشاور: (اڱارو 16 اپريل 2019ع) ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته حيات آباد ۾ دهشتگردن خلاف فوري ايڪشن مان خبر پئي ٿي ته فورسز الرٽ آهن. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان چيو ته دهشتگردن حيات آباد جي هڪ گهر ۾ پناهه ورتي ۽ اطلاعن موجب ست دهشتگرد آهن جن هڪ گهر ۾ پناهه ورتي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن کي منهن ڏيڻ سولو ڪم ناهي، آپريشن ۾ اي ايس آءِ جي شهادت جو واقعو افسوس جوڳو آهي. محمود خان چيو ته ڪي پي پوليس دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي.

ياد رهي ته پوليس گذريل ڏينهن دهشٿگردن جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ گهر ۾ ڇاپو هنيو هو جنهن سبب گهر مان پوليس اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ اضافي نفري کي طلب ڪيو ويو. سيڪيورٽي فوس ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ جاري  مقابلي کي سورنهن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي. جڏهن ته واقعي ۾ هڪ پوليس اهلڪار قمر عالم شهيد ۽ پنج دهشتگرد مارجي ويا آهن.