مستونگ: ٽرڪ جو وين کي ٽڪر، عورتن ۽ ٻارڙن سميت يارنهن ڄڻا فوت، نو زخمي

news

مستونگ: (اڱارو 16 اپريل 2019ع) مستولنگ ۾ لڪ باءِ پاس ويجهو ٽرڪ ۽ وين جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت يارنهن ڄڻا فوت ۽ نو زخمي ٿي پيا آهن.

رپورٽ موجب مستونگ ۾ لڪ باءِ پاس ويجهو ٽرڪ ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت يارنهن ڄڻا فوت نو زخمي ٿي پيا آهن. حادثي جو شڪار وين ڪراچي کان ڪوئٽه وڃي رهي هئي. 

فوت ٿيندڙن ۾ ٽي عورتون ۽ ٻه ٻارڙا به شامل آهن. حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن جڏهن ته فوت ٿيندڙن ۽ زخمين کي  اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.