پشاور ۾ دهشتگردن سان مقابلي دوران شهيد اي ايس آءِ جي نماز جنازه پڙهائي وئي

news

پشاور: (اڱارو 16 اپريل 2019ع) پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ دهشتگردن سان مقابلي دوران شهيد ٿيندڙ اي ايس آءِ قمر عالم جي جنازي جي نماز پڙهائي وئي. وزيراعليٰ محمود خان، آءِ جي پوليس ۽ ڪور ڪمانڊر سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

شهيد ٿيندڙ اي ايس آءِ قمر عالم جي نماز جنازه ملڪ سعد پوليس لائين ۾ پڙهائي وئي. نماز جنازه ۾ وزيراعليٰ خيبرپختونخواهه محمود خان، آءِ جي پوليس ڊاڪٽر محمد نعيم، ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل مظهر شاهين سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. پوليس جي دستن شهيد کي سلامي پيش ڪئي.

وزيراعليٰ خيبرپختونخواهه جنازي جي نماز کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هي انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي. فائرنگ سبب هڪ اي ايس آءِ شهيد ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملندڙ اطلاعن موجب دهشتگردن جي تعداد ست آهي جڏهن ته علائقي ۾ آپريشن اڃان تائين هلندڙ آهي  آپريشن ختم ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ تفصيل سامهون آندا ويندا.