هاشم آملا جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت شڪي

news

جوهانسبرگ: اڱارو 16 اپريل 2019ع: ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ خميس جي ڏينهن آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪندو ۽ ان ئي ڏينهن اهو به طئه ٿيندو ته هاشم آملا ان اسڪواڊ جو حصو هوندو يا وري ميگا ايونٽ نه کيڏندو.

36 ورهين جو هاشم آملا ڏکڻ آفريڪي ون ڊي  ٽيم جي بهترين بيٽسمين مان هڪ آهي پر هاڻوڪن مهينن ۾ سندس ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ ناهي رهي جڏهن ته وڌندڙ عمر سان گڏ سندس فٽنيس جي مسئلن ۾ به واڌ ٿي آهي جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن سريلنڪا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي 4 اننگز ۾ صرف 51 رنسون ٺاهيون ۽ ائين سندس ٽيم کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾  تاريخي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.

اهڙي طرح هو سريلنڪا خلاف کيڏي ويل ون ڊي سيريز جي شروعاتي ٽن ميچن ۾ به حصو نه وٺي سگهيو هو جيتوڻيڪ ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو ته هاشم آملا کي ڊراپ نه ڪيو وڃي، کيس بقايا ميچن ۾ حصو وٺڻو هو پر والد جي بيماري سبب هو ميچ به نه کيڏي سگهيو هو.