نائٽ ٽيسٽ: پاڪستاني ڪرڪيٽرن لاءِ هڪ ملين ڊالر جو خاص پيڪيج تيار

news

سڊني: اڱارو 16 اپريل 2019ع: پاڪستان جي به ايڊليڊ ۾ نائيٽ ٽيسٽ کيڏڻ ۾ دلچسپي ختم ٿيڻ لڳي جڏهن ته ڪرڪيٽ آسٽريليا پي سي بي کي مڃائڻ جون ڪوششون  تيز ڪري ڇڏيون، رانديگرن کي هڪ ملين ڊالر جو خاص پيڪيج به ڏئي سگهجي ٿو.

آسٽريليا ايڊليڊ ۾ ڊي نائيٽ ٽيسٽ تسلسل سان منعقد ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آحي جڏهن ته مهمان سائيڊز لڳاتار انڪار ڪري رهي آهي، گذريل سال ڀارت پنڪ بال سان ڊگهي طرز جي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڪرڪيٽ آسٽريليا کي اميد هئي ته هلندڙ سال پاڪستاني ٽيم ايڊليڊ ۾ نائٽ ٽيسٽ کيڏندي.

آسٽريلين ميڊيا جي رپورٽ موجب پي سي بي ان تي تيار به ٿي ويو هو جڏهن ته آسٽريليا طرفان پاڪستان جي ٽوئر کان انڪار  تي ان به سخت ردعمل جو فيصلو ڪيو، هاڻ ڪرڪيٽ آسٽريليا تي واضح ڪيو ويو آهي ته هو نائيٽ ٽيسٽ نه ٿو کيڏي سگهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان آسٽريليا سان گذريل مهيني يو اي اي ۾ کيڏي ويل 5 ون ڊي جي سيريز جون 2 ميچن پنهنجي ملڪ ۾ کيڏڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن کي سي اي پنهنجا سيڪيورٽي ماهر موڪلڻ بنا رد ڪري ڇڏيو هو.

رپورٽ ۾ چيو يوو آحي ته جهڙي طرح ڪرڪيٽ آسٽريليا ايڊليڊ ۾ تاريخ جي پهرين ٽيسٽ منعقد ڪرڻ لاءِ مهمان رانديگرن کي هڪ ملين ڊالر جو خاص پيڪيج ڏنو هو اهڙي طرح هن ڀيري به ڪري سگهجي ٿو.