مهراڻ يونيورسٽي ۾ چيني ٻولي جي تربيت حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب

news

ڄامشورو:اربع 17 اپريل 2019ع: مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ چيني ٻوليءَ جي تربيت حاصل ڪندڙ بئچ (ايڇ ايس ڪي 2) جي تربيتي ڪورس پورو ٿيڻ تي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب اورڪ ۾ ٿي گذري. چيني ٻوليءَ جي “ڪنفيوشس مرڪز پيٽارو” جي تعاون سان چيني سرڪار جي اسڪالرشپ پروگرام تحت چئن مهينن واري ڪورس جي پڄاڻي تي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته جيتريون ٻوليون وڌيڪ اينديون اوترو اوهان گهڻين ثقافتن کي سمجهي سگهندا ۽ اوهان جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو.

هن چيو ته سکڻ جو عمل هميشه جاري رهڻ گهرجي ڇو ته عقلِ ڪل ڪير به ناهي. هن چيو ته مادري ٻوليءَ کانسوا ماڻهو کي چيني ٻوليءَ سميت جيتريون گهڻيون ٻوليون اينديون اوترو بهتر آهي. هن چيو ته اسان جي صوفي شاعر سچل سرمست کي ست زبانن تي عبور هو، ان ڪري کيس هفت زبان شاعر پڻ سڏيو ويندو هو. هن چيو ته هن وقت چين سڄي دنيا ۾ اڀرندڙ معيشت آهي ۽ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ چيني يونيورسٽين ۾ پڙهي ٿو، جي اسان جي شاگردن کي چيني ٻولي ايندي ته اهي سي پيڪ واري ڪاريڊور ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگهندا.

ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڪنفيوشس لينگويج سينٽر مسٽر جونگ جنپائو چيو ته جيڪي شاگرد چيني ٻوليءَ جي چٽاڀيٽي ۾ پوزيشنون کڻندا، انهن کي چيني حڪومت جي اسڪالرشپ پروگرام تحت وڌيڪ تعليم لاءِ چين موڪليو ويندو.

هن چيو ته ٻين شاگردن کي چيني حڪومت جي خرچ تي “سمر ڪئمپ” پڻ موڪليو ويندو. هن چيو ته شاگرد محنت ڪن ۽ چيني ٻولي تي مهارت حاصل ڪن ته کين سي پيڪ ۾ آساني سان نوڪريون ملي سگهن ٿيون. ڊائريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر انعام الله ڀٽي اسڪالرشپ پروگرام تي روشني وڌي، جڏهن ته چيني ٻولي جي سکيا حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تربيتي سندون ڏنيون ويون.01