پاڻي ۾ موجود وزني دهات جو پتو لڳائڻ وارو اوزار تيار، هاڻي توهان جي هٿن ۾

news

سنگاپور: اربع 17 اپريل 2019: صرف پنجن منٽن اندر پاڻي ۾ زهريلي وزني دهات جي موجودگي ۽ ان جي شدت ظاهر ڪرڻ وارو هڪ انقلابي دستي اوزار سنگاپور ۾ تيار ڪيو ويو آهي.

عام طور تي پاڻي ۾ زهريلي دهاتن جي مقدار معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻي جا نمونا ليبارٽرين ۾ موڪليا ويندا آهن، جنهن ۾ گهڻو ٽائيم لڳي ويندو آهي.

پر هاڻي هي نئون اوزار هن ڪم کي تيز رفتاري سان سرانجام ڏيندي صرف پنجن منٽن ۾ پاڻي ۾ موجود پارو، سيسو، سنکهيو ۽ ٻين وزني دهاتن جي نشاندهي ۽ ان جي مقدار کي به ظاهر ڪري سگهي ٿو. ان جي تياري ۾ ماهرن انساني جسم جي نظام کي پيش نظر رکندي ٺاهيو ويو آهي.

پاڻي جي جنهن ذخيري ۾ توهان کي شڪ هجي ته هن کي صرف ڪجهه قطرا هن اوزار ۾ وجهي ڪري 5 منٽ انتظار ڪريو.

هي ايترو ته حساس آهي جو پاڻي ۾ سيسي جي مقدار پنج حصا في ارب به هجن تڏهن به ان کي آساني سان سڃاڻپ ڪري وٺي ٿو. مجموعي طور تي هي 24 قسمن جي دهاتن جي موجودگي جو پتو لڳائي سگهي ٿو.