مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي مسافر بس مٿان هٿياربندن جي فائرنگ، چوڏنهن ڄڻا مارجي ويا

news

ڪوئيٽه: (خميس 18 اپريل 2019ع) مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي نامعلوم ماڻهن پاران مسافر بس تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ چوڏنهن ڄڻا مارجي ويا آهن. ذريعن موجب  نامعلوم جوابدارن مسافر بس کي روڪي ڪجهه ماڻهن جي سڃاڻپ کان پوءِ انهن کي  بس مان لاهڻ کان پوءِ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويلن جون لاشون اورماڙا ڏانهن موڪليون پيون وڃن.

جڏهن ته وزيراعظم عمران خان مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي ٿيل هشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي اختيارين کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مڪران ڪوسٽل هاءِ جي واقعي ۾ بي گناهه ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو آهي. ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو ۽ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وزيراعظم دهشتگردي جي هن واقعي تي اختيارين کان رپورٽ گهرندي واقعي جي متاثر خاندانن سان  همدردي جو اظّهار ڪيو آهي. گهرو وزير بلوچستان ضياءَ لانگو موجب مسافرن کي بسن مان لاهي چوڏنهن ڄڻن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. واقعو ڪوسٽل هاءِ وي تي وڏي چڙهائي واري جڳهه تي گذريل رات پيش آيو. گهرو وزير بلوچستان چيو ته سمورن چوڏنهن مسافرن جا شناختي ڪارد ڏسڻ کان پوءِ کين بسن مان لاهي قتل ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ادارا جلد جاچ ڪري ڏوهارين تائين پهچندا.  

گهرو وزير چيو ته ڏوهارين جي گرفتاري جي لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن. عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو. ذريعن جو چون آهي ته پندرنهن کان  ويهه نامعلوم هٿياربندن مخصوص يونيفارم ۾ ڪراچي کان گوادر ويندڙ پنج، ڇهه بسن کي روڪيو. پوليس موجب سمورن مسافرن جا هٿ ٻڌي کين قتل ڪيو ويو. دهشتگردي جو اهڙو هانءُ ڏاريندڙ واقعو رات جو ٻارهين کان هڪ بجي جي وچ ۾ پيش آيو آهي. وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال پاران ڪوسٽل هاءِ وي تي  بس جي مسافرن کي دهشتگردي جو نشانو بنائڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي آهي. ڄام ڪمال چيو ته دهشتگردن بي گناهه مسافرن کي قتل ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته امن جا دشمن بي گناهه ماڻهن جو رت وهائي رهيا آهن. بلوچستان جي عوام دهشتگردن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿي. دهشتگردي جو هي واقعو ملڪ کي بدنام ڪرڻ ۽ بلوچستان جي ترقي کي روڪڻ جي سازش آهي.

وزيراعليٰ پنجاب عثمان بزدار ڪوسٽل هاءِ وي تي فائرنگ ڪري مسافرن کي قتل ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي جي شديد مذمت ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عثمان بزردار چيو ته مسافرن کي قتل ڪرڻ جو واقعو ڏکوئيندڙ آهي. هن المناڪ واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. اسان جون همدرديون مقتولن جي وارثن سان گڏ آهن ۽ سوڳوار خاندان سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته مڪران ۾ مسافرن جو قتل افسوسناڪ واقعو آهي. اسان هر دفعي چوندا آيا آهيون ته حڪومت ادارن کي پنهنجي لاءِ استعمال نه ڪري. ادارن کي عوام جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي  خورشيد شاهه چيو ته پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي کي ناڪام بنائڻ تي سيڪيورٽي ادارن کي سلام پيش ڪريون ٿا.