چوهڙ جمالي ويجهو ڪار ڪلٽي، ٽي نوجوان فوت، چار ڄڻا زخمي

news

چوهڙ جمالي: خميس 18 اپريل 2019ع:چوهڙجمالي ڀرسان درگاھ شاھ يقيق جي ميلي تان واپس ايندڙ چوهڙ جمالي واسي نوجوانن جي ڪرولا ڪار ڪلٽي ٿي پئي.

جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي کان ميلو گھمڻ لاءِ آيل نوجوان شھباز، عثمان ميمڻ ۽ سجاد ڪٽائي ميمڻ فوت ٿي ويا، جڏھن ته شھزاد ڪٽائي ميمڻ، شعيب، غفور ميمڻ ۽ ارشاد ميمڻ سخت زخمي ٿي پيا آهن.01