چوهڙ جمالي ويجهو نينگر سان اتفاقي طور فائر ٿيڻ سبب ماءُ قتل

news

چوهڙ جمالي: خميس 18 اپريل 2019ع:چوهڙجمالي ويجهو ڪاري موري اسٽاپ وٽ ڳوٺ ڪانڊرو سولنگي ۾ 6 سالن جي نينگر علي گل گهر ۾ کٽ تي لوڊ پيل پسٽل هٿ ۾ کنيو ته اتفاقي گولي نڪري وئي، جيڪا ماني پچائيندڙ ماءُ کي لوندڙي ۾ لڳي.

جڏهن ته پسٽل جي گولي لڳڻ سبب 35 سالن جي مجيده زال بشير سولنگي موقعي تي فوت ٿي وئي، جنهن بعد فوتي عورت جو لاش رورل هيلٿ سينٽر چوهڙجمالي آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن فوتي عورت جي ڀاءُ آچو سولنگي ٻڌايو ته نينگر گهر ۾ رکيل لوڊ ٿيل پسٽل هٿ ۾ کنيو، جنهن مان اتفاقي فائر ٿيو، جيڪو گهر ۾ ويٺل ڀيڻ کي لڳو، هن چيو ته گولي لڳڻ سبب ڀيڻ کي اسپتال کڻي آياسين پر هو وفات ڪري وئي آهي.01