مانسهره مان پرويز مشرف تي حملي ۽ ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ ملوث ٻه دهشتگرد گرفتار

news

مانسهره: (جمعو 19 اپريل 2019ع) مانسهره جي علائقي ڇتر پلين ۾ سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيمن جي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.  مانسهره جي علائقي ڇتر پلين ۾ سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيمن جي ٻن خطرناڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو جنهن ۾ هڪ جو تعلق تحريڪ طالبان ۽ ٻئي جو تعلق داعش سان آهي. 

گرفتار دهشتگردن ۾ هڪ تحريڪ طالبان جو ڪمانڊر عظيم جان آهي جنهن جو تعلق تورغر سان آهي جڏهن ته ٻئي دهشتگرد محمد انور جو تعلق ايبٽ آباد سان آهي. دهشتگردن کي ايبٽ آباد ۽ مانسهره جي ڀرپاسي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار دهشتگرد عظيم جان ڪراچي، سوات ۽ شانگلا ۾ ٽي ٽي پي جو سرگرم ڪارڪن هو. سي ٽي ڊي ذريعن موجب عظيم جان آپگهاتي بمبارن جو ٽرينر آهي ۽ ڪيترائي آپگهاتي حملا ڪرائي چڪو آهي. 

عظيم جان ايس ايس پي چوڌري اسلم جي قتل، اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي ناڪام آپگهاتي حملي، مولانا اظهار الحق جهنگوي ۽ آمريڪي صحافي ڊينئل پرل جي قتل، عبدالله شاهه غازي جي مزار تي بم ڌماڪي ۽ پوليس چوڪي تي حملي کانسواءِ مهران شاهه مرڪز فوجي ڪيمپ تي حملي سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث هو.  عظيم جان جي گروپ هزار گنجي ڪوئٽا ۾ به ڌماڪو ڪيو جنهن ۾ هڪ سو ٽيتاليهه ماڻهو شهيد ٿيا. گرفتار ٿيل ٻئي دهشتگرد انور جو تعلق داعش سان آهي، انور پشاور ڊئيور ٽرمينل تي حملي ۽ ٽن پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ گهربل هو. ٻنهي دگشتگردن کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ٿيندڙ ڏوهارين جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو ويو آهي.