ماضي ۾ ڪيل غلطين کي وري نه ورجائينداسين: اورماڙه سانحي ۾ بلوچ دهشتگرد تنظيم ملوث آهي: شاهه محمود قريشي

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 20 اپريل 2019ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان جي سپاهين کي بيدردي سان هٿ ٻڌي شهيد ڪيو ويو آهي جنهن تي پوري قوم ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. پرڏيهي وزير پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته بي آر اي واقعي جي ذميواري قبول ڪري ورتو آهي. جيڪا مختلف بلوچ تنظيمن جو هڪ گروهه آهي.  هن چيو ته اسان وٽ تصديق ٿيل اطلاع آهي ته بزي ٽاپ  سانحي پويان بلوچ دهشتگرد تنظيم ملوث آهي جنهن جي تربيت ۽ لاجسٽڪ ڪيمپ ايران جي سرحد پار قائم آهي. 

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ارڙهين اپريل تي سرحد پار کان پندرنهن دهشتگرد داخل ٿيا، دهشتگردن کي فرنٽيئر ڪور جي وردي پهريل هئي، جن بس کي روڪيو ۽سڃاڻپ ڪري چوڏنهن پاڪستاني شهيد ڪيا، جن مان ڌهه جوانن جو تعلق پاڪ نيوي، ٽي جو هوائي فوج ۽ هڪ جو ڪوسٽل گارڊ سان هو. هن چيو ته تصديق ٿيل اطلاع آهن ته بزي ٽاپ پويان بلوچ دهشتگرد تنظيم ملوث آهي، بي آر آءاي گروپ بزي ٽاپ سانحي جي ذميواري قبول ڪئي جنهن جي تربيتي ڪيمپ، لاجسٽڪس ڪيمپ ايران جي سرحد پار قائم آهي جڏهن ته ڪيمپن جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي. اسان ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ قوم جي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو آهي اسان سڀ ڄاڻڻ گهرون ٿا ته هي واقعو ڪنهن ڪيو ۽ ڇو ڪيو. اسان ماضي ۾ ايران جي توقعات تي پورا لٿا آهيون ۽ اميد ڪريون ٿا ته اسان جو پاڙيسري ملڪ به اسان جي توقعات تي پورو لهندو.  سندس چوڻ هو ته ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ان سان اسان جا پراڻا لاڳاپا آهن، ايران کي پاڪستان جي اميدن کان آگاهه ڪيو ويو آهي، اميد آهي ته ايران دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته نئين سدرن ڪمان جوڙي وئي آهي، نئين سدرن ڪمان جو مرڪز تربت ۾ قائم ڪيو ويو آهي، ايراني سرحد تي ڪنڊيدار تار پڻ لڳائي ويندي. پاڪستان ايران سان گڏ نو سو پنجاهه ڪلو ميٽر تائين ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪنِڊيدار تارون لڳائڻ مهانگو ۽ نه ڪرڻ جوڳو عمل آهي هن چيو ته مذڪوره ڪنڊيدار تار ايران جي اسرار تي لڳائي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته بلوچستان اندر ماضي ۾ ڪيل غلطيون وري نه ورجائينداسين اسان کي ترقي جون راهون کولڻيون آهن ۽ انتشار کي ختم ڪرڻو آهي. ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت ۾ جيڪو به هجي پر مسئلن جو حل صرف ڳالهيون آهن ۽ مون کي يقين آهي ته هڪ سئو ڪروڙ آبادي وارو ملڪ ڳالهين کان منهن موڙي خودڪشي ڪونه ڪندو.