مٽياري ۾ اي ايس آءِ دل جو دورو پوڻ سبب فوت

news

مٽياري:(رپورٽ: طارق ميمڻ) ڇنڇر 20 اپريل 2019ع:اي ايس آءِ ڪورٽ مان تاريخ تان موٽندي دل بيهڻ سبب فوت.

ذريعن موجب شاھپوردرپور ٿاڻي تي مقرر ٿيل اي ايس آءِ نور احمد مجيداڻو سيشن ڪورٽ مٽياري مان ڪيس جي تاريخ ڏئي موٽي اچي باءِ پاس جي هڪ هوٽل تي چانهه پيتي ته اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي.

جنهن کي فوري طور اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن چڪاسڻ بعد تصديق ڪئي ته دل جو دورو پوڻ سبب موت واقع ٿيو آهي.

ياد رهي ته فوتي اي ايس آءِ جو تعلق ٽنڊوالهيار ضلعي سان آهي ۽ گذريل ڪيتري ئي وقت کان سندس پوسٽنگ شاھپوردرپور ٿاڻي تي ئي ٿيل هئي.01