واهي پانڌي ۾ جوابدار نينگري کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي فرار، وارثن جو احتجاج

news

واهي پانڌي:(رپورٽ: نظام رستماڻي) ڇنڇر 20 اپريل 2019ع:واهي پانڌي ڀرسان ڳوٺ ڇڊي رستماڻي ۾ 13 سالن جي نينگري سان زبردستي ڏاڍائي جو واقعو پيش آيو آهي.

وارثن موجب 13 سالن جي نياڻي سويرا ڌيءَ نياز علي پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي بس تي جوهي علاج ڪرائڻ لاءِ وئي هئي.

جتي علاج بعد پنهنجي ڳوٺ جي جوابدار الهورايو رستماڻي جوهي اسپتال مان نينگري کي ورغلائي موٽرسائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ پهچائڻ جو چئي رستي ۾ لاهي هٿ پير ٻڌي زبردستي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي.

جڏهن ته واقعي جي خبر پوڻ بعد وارثن نياڻي کي حد جي ڊرگھ بالا ٿاڻي تي پيش ڪيو، جتان پوليس نياڻي کي ميڊيڪل رپورٽون حاصل ڪرڻ لاءِ جوهي اسپتال کڻائي آئي، جتي پوليس پاران ميڊيڪل رپورٽن بعد  جوابدار خلاف ضروري ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

هوڏانهن ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نياڻي جي امڙ ۽ سندس  وارثن خدشو ظاهر ڪندي ٻڌايو آهي ته اسان جي نياڻي سان سخت تشدد ڪري جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.01