عمران خان بند ۽ خطرناڪ گھٽي ۾ وڃي رهيو آهي: خورشيد احمد شاهه

news

سکر: ڇنڇر 20 اپريل 2019ع:پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ چيو آهي ته عمران خان بند ۽ خطرناڪ گھٽي ۾ وڃي رهيو آهي، هن اڃا تائين پارليامينٽ کي تسليم ناهي ڪيو.

اڻ چونڊيل ماڻهن جي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ سان چونڊيل ماڻهن کي تڪليف ٿئي ٿي. ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته وزيرن جي تبديلي پنهنجي سياڻپ آهي پر پهريان سڀ اسد عمر تان قربان ٿيندا هئا، معيشيت بهتر هجڻ جون دعوائون ٿينديون هيون، ان اسد عمر کي هٽائڻ مخالف ڌر جي موقف درست هجڻ جو ثبوت آهي. مخالف ڌر جي موقف کي ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف به تسليم ڪيو آهي.

هن چيو ته هي حڪومت 2 بجيٽ ڏئي چڪي آهي ۽ ٽين جون ۾ پيش ٿيندڙ بجيٽ خطرناڪ هوندي ۽ اها آءِ ايم ايف جي بجيٽ هوندي. هن چيو ته صدارتي نظام آڻڻ جون ڳالهيون ٻڌي حيرت نه ٿي ٿئي. عمران خان اڄ ڏينهن تائين پارليامينٽ کي تسليم ناهي ڪيو.

هو پارليامينٽ کي چورن جو آکاڙو سمجھي ٿو ۽ ان ئي پارليامينٽ جو پاڻ به حصو آهي. عمران خان بند ۽ خطرناڪ گھٽي ۾ وڃي رهيو آهي، هن کي سخت ڏکيي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو. هن پارليامينٽ جي نالي تي ووٽ وٺي عوام کي دوکو ڏنو آهي. هن چيو ته سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته حفيظ شيخ هاڻوڪين حالتن جو چئلينج ڪيئين مڃيو آهي، شايد هو ڊليور ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هجي. اهو ڏکيو ڪم آهي.

بهرحال پيپلزپارٽي جي پاليسي ڪامياب ٿي آهي، عمران خان حفيظ شيخ کي آڻي پيپلزپارٽي جي پاليسي کي مڃيو آهي ۽ ان ڳالھ کي به مڃيو ويو آهي ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ معيشيت جي حالت بهتر هئي. هن چيو ته اڻ چونڊيل ماڻهن جي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ سان چونڊيل ماڻهن کي تڪليف ٿئي ٿي. ڪو ڪيترو به مضبوط ماڻهو ڇو نه هجي اهو ٽٽي پوي ٿو، غلام سرور خان جهڙو پي ٽي آءِ جو جھونو ڪارڪن به مايوس آهي.

هن چيو ته چوڌري نثار علي خان ۽ غلام سرور هڪ ئي پارٽي ۾ هلي نه ٿا سگھن. هو چوڌري نثار جي ڪردار ۽ سياست کان واقف آهي، چوڌري نثار نواز ليگ ۾ رهي پي ٽي آءِ جو حصو بڻجڻ جهڙي ڪريل حرڪت نه ٿو ڪري سگھي.01