نيويارڪ ۾ انٽرنيشنل آٽو شو جو ميلو

news

نيويارڪ: ڇنڇر 20 اپريل 2019: آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ ساليانو انٽرنيشنل آٽو شو 2019ع جو ميلو لڳي ويو آهي.

مقامي ڪنونشن سينٽر ۾ ٿيندڙ نيويارڪ انٽرنيشنل آٽو شو نالي هن ايونٽ ۾ آمريڪا سميت مختلف ملڪن مان ڪيتريون ئي گاڏيون تيار ڪندڙ ڪمپنيون شرڪت ڪري رهيون آهن.

جيڪي پنهنجي اڳوڻين گاڏين کي نئين جدت سان گڏ متعارف ڪرائڻ کانسواءِ نئين گاڏين جا ماڊلز به نمائش لاءِ پيش ڪري رهيا آهن.

هلندڙ سال هن موٽر شو ۾ گاڏيون تيار ڪرڻ واري مشهور ڪمپنين طرفان ڪيتريون ئي گاڏيون، ٽرڪ ۽ ٻي هيوي وهيڪلز نمائش لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي.

جڏهن ته جديد اليڪٽرڪ گاڏيون شريڪ ٿيندڙن جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهن.