اڏيرو لال اسٽيشن ۾ شهري اتحاد پاران صحافي مظهر عباس کي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

اڏيرو لال اسٽيشن: ڇنڇر 20 اپريل 2019ع:اڏيرو لال وليج جي صحافي مظهر عباس ملاح کي ڏنل ڌمڪين واري عمل خلاف شهري اتحاد جي اڳواڻن پاران ايل ايس حيسڪو مٽياري امداد ڇڄڙو خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن شوڪت پنهور، آصف ملاح ۽ ٻين چيو ته ايل ايس حيسڪو مٽياري امداد ڇڄڙو رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، جنهن جون اهڙيون خبرون ميڊيا تي هلڻ کانپوءِ اهو مڇرجي صحافي مظهر عباس ملاح کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا.

هنن وڌيڪ چيو ته حيسڪو چيف اڳ به  عوامي شڪايت تي امداد ڇڄڙو کي مٽياري ضلعي مان بدلي ڪيو هو پر هاڻ وري ان وڏي رشوت عيوض وري مٽياري ضلعي ۾ پنهنجي بدلي ڪرائي رشوت جي بازار گرم ڪندي فيڪٽري ۽ برف ڪارخاني مالڪن کان رشوت وٺڻ شروع ڪئي آهي.

رشوت نه ڏيڻ تان هٿرادو بجلي بند ڪري شهرين ۽ ڪارخاني مالڪن کي پريشان ڪرڻ لڳو آهي، جنهن جو موقف معلوم ڪرڻ لاءِ صحافي مظهر عباس ملاح آفيس پهتو ته اهو مڇرجي صحافي کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.

هنن چيو ته اسان حيسڪو چيف، حيدرآباد، وفاقي وزير  بجلي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتي جي آفيسرن کان مطالبو ٿا ڪيون ته بدمست ايل ايس حيسڪو مٽياري امداد ڇڄڙو کي فوري معطل ڪري، صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان هڪ هفتي اندر حيسڪو چيف حيدرآباد جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين.01