چرچ جي ڀت ڪرڻ سبب سائوٿ آفريڪا ۾ تيرنهن ڄڻا فوت، سورنهن زخمي

news

ڊرين: (آچر 21 اپريل 2019ع) سائوٽ آفريڪا ۾ چرچ جي ڀت ڪرڻ سبب تيرنهن ڄڻا فوت ۽ سورنهن زخمي ٿي پيا آهن. هي حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن چرچ ۾ ايسٽر جون تقريبون جاري هيون ۽ ان ۾ شرڪت جي لاءِ ڪيترائي ماڻهو اتي موجود هئا.

عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سائوٿ آفريڪا جي ساحلي شهر ڊربن جي ڏکڻ ۾ واقع پينٽا ڪوسٽل چرچ جي ڀت تيز هوائن سبب ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ تيرنهن ڄڻا فوت ۽ سورنهن زخمي ٿي پيا آهن. زخمين ۾ چئن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. خبرون ڏيندڙ اداري موجب چرچ ۾ ايسٽر جي تقريبن ۾ جمع ٿيندڙ سوين ماڻهو مذهبي حوالي سان عبادتون ڪرڻ کان پوءِ خراب موسم سبب چرچ ۾ ئي سمهي رهيا هئا. تيز هوائن سبب ڀت سُتلن مٿان ڪري پئي.

ياد رهي ته سائوٿ آفريڪا جي ان علائقي ۾ تيز برسات  ۽ طوفان جو سلسلو ڪيترن ڏينهن کان هلي رهيو آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڏوراهين علائقي ۾ حادثو ٿيڻ سبب موبائيل فون جي سروس نه هجڻ ڪري  هڪ زخمي وڏي مشڪل سان پوليس اسٽيشن پهچي حادثي جي اطلاع ڏني جنهن کان پوءِ پوليس ۽ ريسڪيو ادارا فوري طور تي مدد جي لاءِ حادثي واري هنڌ پهچي ويا.