لاڙڪاڻو ويجهو ٽريڪٽر جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، معصوم ٻارڙو فوت

news

لاڙڪاڻو:آچر 21 اپريل 2019ع:لاڙڪاڻي ڀرسان ڪنگا ٿاڻي جي حد رتوديرو روڊ تي ٽريڪٽر چنگچي رڪشا کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 مهينن جو معصوم نينگر حسنين پٽ اعجاز رند ڇيڀاٽجي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته سندس امڙ مسمات نوشين رند زخمي ٿي پئي. اطلاع ملڻ تي حد ٿاڻي جي پوليس پهچي ٽريڪٽر تحويل ۾ وٺي ڊرائيور شهزادو سولنگيءَ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

جڏهن ته معصوم نينگر جو لاش ڏسي سندس وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ان موقعي تي فوتي نينگر جي ڏاڏي الاهي بخش رند ٻڌايو ته اسان چنگچي تي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته تيز رفتار ٽريڪٽر اچي پويان کان ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو معصوم ٻاڙو فوت ٿي ويو آهي.

جڏهن ته پوليس حادثي ۾ زخمي ٿيل فوتي ٻارڙي جي امڙ کي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو آهي. ٻئي پاسي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا.01