شب برات جي موقعي تي مريم نواز جو ماءُ جي ياد ۾ پهريون دفعو پنجابي ۾ ٽوئيٽ

news

لاهور: (آچر 21 اپريل 2019ع) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز پنهنجي ماءُ بيگم ڪلثوم نواز جي ياد ۾ پنجابي زبان ۾ ٽوئيٽ ڪيو آهي.

تفصيل موجب مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز  جي طرفان پنجابي زبان ۾ پهريون دفعو ٽوئيٽ ڪيو ويو آهي. ٽوئيٽ موجب شب برات جي موقعي تي مريم نواز پنهنجي ماءُ بيگم ڪلثوم نواز کي ياد ڪندي رهي.

مريم نواز جي طرفان ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته عيد ۽ شب براتون آيون، سمورا ماڻهو گهر آيا، پر اهي نه آيا جن کي اسان پنهنجي هٿن سان دفنايو.