يوونٽس لڳاتار اٺون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو

news

روم: آچر 21 اپريل 2019: اٽالين فٽ بال ليگ ۾ فٽ بال ڪلب يوونٽس لڳاتار اٺون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي تي ڪري ڇڏيو آهي.

اٽالين فوٽ بال ليگ ۾ يوونٽس هڪ دفعو وري ٽائٽل جو دفاع ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، جتي هن جي مد مقابل ٽيم فيورن تينا کي هڪ ٻه کان هارائي ڇڏيو. يوونٽس طرفان لوبو ۽ جرمن گول ڪيا.

ايئن يوونٽس لڳاتار اٺون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي تي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف اسپينش فٽ بال ۾ بارسلونا ميچ دوران ريال سوسي داد کي ٻه هڪ کان شڪست ڏئي ڇڏي.

جڏهن ته انگلش پريميئر ليگ ۾ مانچسٽر سٽي ٽوٽنهم هوٽسپر کي هڪ ٻڙي تان هارائي ڇڏيو. ميچ جو واحد گول فل ڪيو، جنهن کانپوءِ مانچسٽر سٽي پوائنٽ ٽيبل تي سرفهرست آهي.