نانگن جي خوف سبب آفريڪي صدر گهر ويٺي ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ لڳو

news

لائيبريا: آچر 21 اپريل 2019: اولهه آفريڪي ملڪ لائيبريا جي صدر کي پنهنجي آفيس ۾ ٻن زهريلي نانگن هئڻ جي موجودگي سبب ملڪ جا ڪاروهنوار پنهنجي گهر مان هلائي رهيو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آفريڪي ملڪ لائيبريا جي صدر جارج ويح جي پرڏيهي آفيس جي عمارت ۾ واقعي سندس آفيس ۾ ٻن نانگن کي ڏٺو ويو، جيڪي ملازمين جي هٿ نه چڙهي سگهيا آهن، جنهن کانپوءِ صدر کي حفاظتي قدمن طور کيس آفيس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو.

صدارتي آفيس جي عملي نانگ پڪرڻ تائين صدر کي آفيس نه اچڻ جي درخواست ڪئي آهي. جنهن کانپوءِ صدر جارج ويح هن هفتي ملڪي ڪاروهنوار گهر ويٺي هلائي رهيو آهي.

عمارت جي فيوميگيشن کانپوءِ سومر يا اڱاري تي صدر جي آفيس ۾ آمد متوقع آهي.

واضح رهي ته لائبيريا زهريلن نانگن جي ڪري سڄي دنيا  مشهور آهي، صدارتي آفيس ۾ ڪاري رنگ جي زهريلن نانگ جي موجودگي کانپوءِ ملازمن ۾ به خوف حراس ڦهلجي ويو آهي.