کڏڙو ويجهو معصوم ٻارڙي واهه ۾ ٻڏي فوت

news

کڏڙو: آچر 21 اپريل 2019ع:ٿر جي ننگر پارڪر شھر کان مزدوري ڪرڻ لاءِ آيل پورهيت چندن ڀيل جي چوڏنهن ورهين جي ٻارڙي غنوا ڀيل دم واھ جي ڪپ تي پنهنجي  ڦڦي مسمات 40 ورهين جي تاران ڀيل سان گڏجي ڪپڙا دوئي رهي هئي ته اوچتو سندس پير ترڪي پيو ۽ هو پاڻي ۾ لڙھي وئي، سندس رڙين تي کيس بچائيندي عورت تاران ڀيل پڻ واھ ۾ ٽپو ڇڏيو.

اهڙي صورتحال ڏسي رڙين تي اتي موجود ڳوٺاڻن عورت تاران ڀيل کي بيهوشي واري حالت ۾ بچائي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي ورتو. جڏهن ته ٻارڙي واھ ۾ لڙهي وئي، ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ٻارڙي جو لاش ھٿ نه اچي سگهيو.

جڏهن ته  ڪنهن به سرڪاري ڪاموري پاران نينگري جي لاش جي ڳولا ۾ مدد نه ڪرڻ تان مڇرجي ٻارڙي جي وارثن سارنگ ڀيل ۽ لکي ڀيل جي اڳواڻي ۾ سانگهڙ نواب شاھ مين روڊ پڻ بند ڪري ورتو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ نينگري جي وارثن ڊي سي سانگهڙ خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي.

جڏهن ته دانهيندي هنن چيو ته ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا آھن، ٻارڙي جي لاش جي ڳولا  ڪنهن به سرڪاري ڪاموري اسان جي مدد نه ڪئي آھي، ڪوبه هتي لڙي نه آيو آھي، اسان کي ٽوٻا ڏنا وڃن، جيڪي اسان کي نينگري جو لاش ڪڍي ڏين ته اسان کيس ڳوٺ دفنائڻ لاءِ کڻائي وڃون.

ھوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر سنجهورو جاويد احمد ڏاهري جي حڪم تي مختيار ڪار سنجهورو امداد علي سيال ٽوٻا کڻي دم واھ تي پهچي ويو، جنهن بعد ٻارڙي جي وارثن احتجاج ختم ڪري بند پيل روڊ کولي ورتو. هوڏانهن ٽوٻن پاران ڪيرائي ڪلاڪ مسلسل ڪوششن باوجود ٻارڙي جو لاش ھٿ نه اچي سگهيو آھي.01