ذيابطيس جي مريضن لاءِ ڦريون جادوئي اثر رکن ٿيون

news

لنڊن: آچر 21 اپريل 2019: ذيابطيس جي مريضن لاءِ ڊاڪٽرن مشورو ڏنو آهي ته اهي لوبيا (چئونرا) ۽ ٻين قسمن جون ڦريون کائين، ڇو ته هي ذيابطيس جي مرض لاءِ تمام گهڻيون فائديمند آهن.

آمريڪن ڊائبيٽڪس ايسوسيئيشن (اي ڊي اي) ڪيئي قسم جي ڦرين کي ذيابطيس جي لاءِ ”سپر فوڊ“ قرار ڏنو آهي.

جنهن جي وجهه هي آهي ته ڦريون وٽامن، معدنيات، اينٽي آڪسيڊنٽس، فائبر (ريشو) ٻين ٻين اهم وٽامن سان ڀرپور هوندوين آهن.

انهيءَ سبب جي ڪري ڦرين کي ذيابطيس جي لاءِ غذا ۾ سرفهرست رکيو ويو آهي. ڦرين ۾ پروٽين، فائبر ۽ ٻيون معدنيات هونديون آهن. جن جي باقائدگي استعمال سان رت ۾ مٺاڻ جي مقدار کي هڪ حد تائين رکي سگهجي ٿو.