سريلنڪا جي گرجا گهرن ۽ هوٽلن ۾ اٺ بم ڌماڪا، ٻه سئو ست ڄڻا مارجي ويا، ڪرفيو لڳايو ويو

news

ڪولمبو: آچر 21 اپريل 2019: سريلنڪا جي راڄڌاني ڪولمبو ۾ مختلف جڳهن تي 8 بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 207 ڄڻا مارجي ويا آهن. جڏهن ته 400 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪرفيو لڳايو ويو آهي.

غير ملڪي خبرون ڏيندڙ اداري موجب بم ڌماڪا ايسٽر جي تقريبن جي موقعي تي ٽي مسيحي عبادتگاهن ۽ ٽن هوٽلن ۾ ڪيا ويا. سريلنڪا ۾ مسيحي برادري وڏي تهوار ايسٽر جي موقعي تي گرجا گهرن ۾ عبادت ۾ مصروف هئي. رپورٽن موجب 207 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي آهي. جڏهن ته 400 کان وڌيڪ زخمي آهن. خبرون ڏيندڙ اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٻن مسيحي عبادتگاهن ۾ ٿيندڙ ڌماڪا خودڪش هئا.

ياد رهي ته ڪولمبو ۾ قائم متاثر چرچ سينٽ انٿوني شرائن ۽ هوٽلن ۾ وڏي تعداد ۾ غير ملڪي سياحن جي وڏي تعداد موجود هوندي آهي. ان کان علاوه ڌماڪن ۾ جن ٻين مسيحي عبادتگاهن کي نقصان پهتو آهي ان ۾ مغربي علائقي نيگومبو ۽ اوڀرين علائقي بائيچالو ۾ قائم مسيحي عبادتگاهون شامل آهن.حملن بابت تفصيل هوريان هوريان سامهون اچي رهيا آهن جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پڻ چيو پيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ 8 ڌماڪا ٿيا آهن ۽ فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪارروائي ۾ ڪوچيڪاڊي، سينٽ سيبسٽن ۽ بيٽيڪولا چرچ ۾ ان وقت ڌماڪا ٿيا جڏهن ماڻهو مذهبي عبادت ۾ مصروف هئا.  ڪولمبو ۾ ئي شانگري هوٽل ۽ سينيمين گرانڊ ۾ پڻ ڌماڪا ٿيا.

ڌماڪن کان پوءِ  سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندڙ تصويرن ۾  حملي کان پوءِ چرچ ۾ ٿيندڙ تباهي جا منظر ڏسي سگهجن ٿا.

جڏهن ته پاڪستاني گهرو وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر  فيصل سماجي رابطه جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پيغام ۾ سري لنڪا ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ملڪ جي عوام دهشتگردي جي هن سانحي  ۾ سريلنڪا جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهي.

جڏهن ته پاڪستان ۾ انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري به ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ سريلنڪا ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

هن چيو ته دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ عالمي طور تي هڪ مضبوط حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي.

جڏهن ته سريلنڪا ۾ ٿيل بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ زخمين ٿيندڙن ۾ 5 پاڪستاني به آهن.