ورلڊ ڪپ جي لاءِ پندرنهن رڪني افغان اسڪواڊ جو اعلان

news

ڪابل: (سومر 22 اپريل 2019ع) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ جي لاءِ پندرنهن رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميگاايونٽ ۾ افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي گلبدين نائب ڪندو. جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد شهزاد، نور علي زدران، حضرت الله، محمد نبي، حشمت الله شهيدي، نجيب الله، سميع الله شنواري ۽ دولت زدران اسڪواڊ ۾ شامل آهن.

افغان ٽيم ۾ آفتاب عالم، حامد حسن، نجيب الرحمان، راشد خان، اصغر افغان ۽ رحمت شاهه به ٽيم ۾ جڳهه ٺاهيندڙن ۾ شامل آهن. ياد رهي ته ورلڊ ڪپ ٻه هزار اوڻيهه جو باقاعده آغاز ٽيهه مئي تي ميزبان انگلينڊ ۽ سائوٿ آفريڪا جي ميچ سان ٿيندو. جنهن جي لاءِ ويسٽ انڊيز کان سواءِ سمورين  ٽيمن پاران اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.