ٻڌايو ته سهي آخر ناڻي واري وزير کي ڇو ڪڍيو ويو؟ بلاول ڀٽو

news

اسلام آباد: سومر 22 اپريل 2019: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جڏهن ايوب، ضياءَ ۽ مشرف جهڙن آمرن کان ڊڄياسين ته ڪٺ پتلي کان ڇو ڊڄنداسين.

قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻڌايو ته سهي آخر ناڻي واري وزير کي ڇو ڪڍيو ويو؟ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڇا ان کي هن ڳالهه تي ته نه ڪڍيو ويو آهي ته هن پابندي پيل تنظيم سان گڏجي اليڪشن وڙهيو.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته گارين ۽ نيب گردي جي ڪري خاموش نه ويهنداسين.

پ پ چيئرمين چيو ته اسان جي ايئر فورس بهادي سان ڀارتي جهازن کي ڪيرايو.

بلاول ڀٽو زرداري جو اسد عمر کي پڙهيل لکيل جاهل چوڻ تي اسپيڪر بلاول جي تقرير ۾ مداخلت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته جاهل جو لفظ ڪارروائي مان حذف ڪري رهيون آهن.