ايراني سپريم ليڊر پاسداران انقلاب جو نئون چيف ڪمانڊر مقرر ڪري ڇڏيو

news

تهران: سومر 22 اپريل 2019: ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي پاران حسين سلامي کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏيندي پاسداران انقلاب (آئي آر جي سي) جو نئون چيف ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آهي.

پريس ٽي وي جي رپورٽ موجب آيت الله خامنائي پنهنجي هڪ بيان ۾ حسن سلامي کي پاسداران انقلاب ۾ مختلف عهدن ۾ ڪم جي عملي ۽ وسيع تجربي ۽ عزم جي بنياد تي چيف ڪمانڊر مقرر ڪيو آهي.

نئين چيف ڪمانڊر کي مخاطب ٿيندي هن جو چوڻ هو ته ميجر جنرل محمد علي جعفري جي راءِ جي روشني ۾ پاسداران انقلاب جي ڪمانڊ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تي مشتمل ان جي قيمتي ۽ شاندار خدمتن، وسيع تجربي ۽ عملي ميدان ۾ مختلف ذميوارين کي ادار ڪرڻ جي صلاحيت کي ڏسندي هن کي ميجر جنرل جو عهدو ڏنو پيو وڃي ۽ پاسدارن انقلاب جو چيف ڪمانڊر طور مقرر ڪيو پيو وڃي.

سپريم ليڊر آيت الله خامنائي نئين مقرر ڪيل ميجر جنرل حسين سلامي کي پاسداران انقلاب کي هر سطح تي مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته فوج جي اندروني معاملن تي خصوصي توجهه ڏئي جيڪو انتهائي اهم آهي.