ذيابطيس تي ڪنٽرول، صحتمند گڙدن جي ضمانت

news

سڊني: اڱارو 23 اپريل 2019: هڪ عالمي سروي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ گڙدن جي مريضن جي تعداد وڌڻ جو هڪ اهم سبب ذيابطيس ۽ ٿولهه جو مرض آهي.

ان ڪري رت ۾ مٺاڻ جي مقدار کي سختي سان ڪنٽرول ڪري پوري دنيا ۾ گڙدن جي مرض جي بوجهه کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو.

ماهرن موجب شگر ڪنٽرول ڪري گڙدن جي مرض جي واقعن ۾ گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. هن وقت ذيابطيس جي ڪري لکين مريض گردن جي هڪ شديد مرض جو شڪار آهن، جنهن کي اينڊ اسٽيج ڪڊني ڊيزيز (اي ايس ڪي ڊي) چيو ويندو آهي ۽ 2030ع ۾ سڄي دنيا ۾ هن مرض ۾ مبتلا مريضن جي تعداد 14 ڪروڙ 50 لکن تائين پڄي ويندي.

پر افسوس ان ڳالهه تي آهي ته ان مان صرف 55 لک مريضن کي طبي سهولت ڏئي سگهجي ٿي، جنهن جي وجهه غربت، ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جي گهٽتاي، اڻ ڄاڻائي ۽ لاپرواهي آهي، ڇو ته مريضن جي اڪثريت جو تعلق غريب ملڪن سان هوندو.

هن وقت دنيا ۾ 16 ڪروڙ ماڻهو اهڙا آهن جن کي ٽائپ ٽو ذيابطيس کانپوءِ ئي گڙدن جي مرض ۾ مبتلا ٿيا آهن ۽ جيڪڏهن رت ۾ مٺاڻ جي مقدار کي برقرار رکيو وڃي ته پوءِ هن مرض ۾ ٽئين حصي تائين گهٽائي ڪري سگهجي ٿي ۽ فوتگين کي به گهٽ ڪري سگهجي ٿو.