پشاور ۾ پوليو جو ري ايڪشن ڊرامو: اسپتال کي باهه ڏيڻ جي الزام هيٺ وڌيڪ نو جوابدار گرفتار

news

پشاور: (اربع 24 اپريل 2019ع) پشاور جي علائقي ماشو خيل ۾ پوليو ويڪسين سان ٻارڙن جي طبيعت خراب ٿيڻ جو ڊرامو ۽ ان جي آڙ ۾ اسپتال کي باهه ڏيندڙ وڌيڪ نو جوابدارن کي  پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس پي پشاور صاحبزاده سجاد جو چوڻ آهي ته صحت مرڪز ماشو خيل ۾ ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ گرفتار ڪيل نو ڄڻن ۾ اسڪول پرنسپل جو ڀاءُ به شامل آهي.

ايس پي پشاور موجب گرفتار ڪيل نو جوابدارن کي وڊيو جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي جن جي قبضي مان ٻه ڪلاشنڪوف ۽ ٻه پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته گرفتار ٿيل جوابدارن جو انگ ڏهه ٿي ويو آهي. صاحبزاده سجاد جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيلن ۾ پنج ڄڻا ايف آءِ آر ۾ نامزد آهن. جڏهن ته گڏيل طور تي ٻارنهن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ياد رهي ته ٻاويهه اپريل تي پوليو جا قطرا پيئڻ سبب هڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙن جي طبيعت خراب ٿيڻ جو معاملو سامهون آيو هو جنهن تي مڇريل ماڻهن بي ايڇ يو ماشوخيل ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ وڊيو سامهون اچڻ بعد ڊرامو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.