قبائلي علائقن تي ايترو پئسو خرچ ڪيو ويندو جيڪو ستر سالن ۾ ناهي ٿي سگهيو: عمران خان

news

وزيرستان: (اربع 24 اپريل 2019ع) وزيراعظم عمران خان جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته قبائلي عوام هميشه پاڪستان جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. هتان جي مسئلن جي باري ۾ مڪمل طور تي آگاهه آهيان. منهنجي دوري جو مقصد قبائلي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. اسان جي حڪومت هن علائقي جي ترقياتي منصوبن تي هر سال هڪ سئو ارب روپيه خرچ ڪندي.

عمران خان جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته قبائلي علائقن جي سڄي تاريخ جي خبر آهي. عوام جا مسئلا ۽ مشڪلاتن کان به آگاهه آهيان آءُ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته هاڻ تبديلي ايندي. قبائلي علائقن ۾ معدنيات جا وڏا ذخيرا موجود آهن جيڪڏهن انهن تي ڪم شروع ٿي ويو ته هتان کان محنت مزدوري لاءِ ڪوبه ٻاهر نه ويندو.

عمران خان چيو ته قبائلي علائقن تي ايترو پئسو خرچ ڪيو ويندو جيڪو گذريل ستر سالن ۾ ناهي ٿيو. هر سال هڪ سئو ارب روپيه خرچ ڪنداسين. هر خاندان کي صحت انصاف ڪارڊ ڏينداسين. اسپتال ۾ سرجنن جون مقرريون ڪنداسين. نوجوانن کي روزگار جي لاءِ قرض ڏينداسين. وزيرستان ۾ هڪ سئو ڪلوميٽر ڊگها روڊ ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس به تعمير ڪيا ويندا.