ڪمشنر سکر پاران امتحاني مرڪزن جو دورو

news

سکر: اربع 24 اپريل 2019ع:سکر جو ڪمشنر امتحاني مرڪزن جي دوري تي نڪري پيو، رفيق احمد ٻرڙي جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ڪاپي ڪلچر خلاف سنجيده آهي، ان ڪري ڪاپي ۾ ملوث ڪردارن کي بخش نه ڪيو ويندو. ڪمشنر محمد رفيق ٻرڙو  ڊويزن رفيق احمد ٻرڙو گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج سکر، گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۽ ڊبل سيڪشن هائي اسڪول ۾ هلندڙ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحان جو جائزو ورتو. امتحاني مرڪزن جي دوري مهل ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي رفيق احمد ٻرڙو چيو ته 6 مهينا اڳ ئي تعليمي ادارن کي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته سکر ڊويزن ۾ ڪاپي هلڻ نه ڏبي ان باوجود جيڪڏهن ڪنهن کي ڪاپي ۾ ملوث ڏٺو ويو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هُن چيو ته نوجوان وڌ کان وڌ مارڪون حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ والدين ۽ استادن جي سهڪار سان ڪاپي ڪن ٿا، جيڪو هڪ ڏوهه آهي جيئن ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا آهن ته ڏوهه ڪندڙ نوان طريقا ايجاد ڪندا آهن، اهڙي ريت شاگرد به ڪاپي جا نوان طريقا اپنائي رهيا آهن، ان باوجود چئي سگهجي ٿو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪاپي ڪلچر تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته عام طور تي اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته تعليمي ادارن ۾ پڙهائي ناهي جنهن ڪري شاگرد ڪاپي ڪن ٿا پر جيڪڏهن والدين ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو چاهين ته اهو ممڪن ئي ناهي جو تعليمي ادارن ۾ پڙهائي نه ٿئي. والدين کي گهرجي ته هُو اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وڃي استادن کان پڇاڻو ڪن ۽ ميڊيا جي دوستن کي به گهرجي ته هو عام ڏينهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن  تعليمي اداري جو جائزو وٺن.

هن چيو ته بورڊ جي امتحانن دوران سمورن ادارن جو فرض آهي ته هو ڪاپي ڪلچر خلاف پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن ڪاپي جي پاڙ هميشه لاءِ پٽجي سگهي. ڪمشنر سکر ڊويزن گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج جي دوري دوران امتحاني مرڪز ۾ ڪيل خراب انتظامن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سکر بورڊ جي ڪنٽرولر کي هدايت ڪئي ته ڪاپي ڪلچر جي سهولتڪار بڻيل عملي کي فوري هٽايو وڃي ۽ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سندن خلاف رپورٽ اختيارين ڏانهن اماڻي وڃي.01