ڪرائسٽ چرچ سانحو: شهيدن جي وارثن کي مستقل رهائش ۽ شهريت جي آڇ

news

ويلنگٽن: اربع 24 اپريل 2019ع: نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊن ڪرائسٽ چرچ مسجدن جي شهيدن جي وارثن جي لاءِ مستقل رهائش ۽ شهريت ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.

عالمي خابرو اداري موجب نيوزيلينڊ ڪرائسٽ چرچ مسجدن جي متاثرن لاءِ هڪ نئين ويزا پاليسي متعارف ڪرائي آهي جنهن جي تحت شهيدن ۽ متاثرن جي وارثن کي وفري طور تي عارضي ويزا ڏني ويندي، مستقل رهائش لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ مستقبل ۾ شهريت ڏئي سگهبي.

ان ويزا لاءِ ڪرائسٽ چرچ ۾ حملي جو نشانو بڻجندڙ ٻنهي مسجدن ۾ موجود ماڻهو درخواست ڏئي سگهن ٿا ۽ ان ويزا لاءِ وارثن جي رهنمائي کي به واڌ ڏيندي متاثرن جي والدين کان علاوه سس سهري کي به شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 25 سالن کان گهٽ عمر جي متاثرن لاءِ ڏاڏي، ڏاڏي ۽ ناني، ناني کي به ويزا ڏني ويندي.