سڪرنڊ ۾ ايس ٽي پي پاران ڪڻڪ جا خريداري مرڪز نه کولڻ خلاف علامتي بک هڙتال

news

سڪرنڊ:اربع 24 اپريل 2019ع: سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي سڪرنڊ پاران سنڌ ۾ ڪڻڪ جا خريداري مرڪز نه کولڻ خلاف صحافي چوڪ تي ايس ٽي پي ضلعي صدر نثار علي ڪيريو، مرڪزي سينٽرل ڪاميٽي جي ميمبر سيد اطهر علي شاهه، عبدالقادر جيلاني، تعلقي صدر محمد ايوب کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڃا تائين ڪڻڪ جي خريدار جا مرڪز نه کوليا ويا آهن، جڏهن ته واپارين پاران آبادگارن کان  600 روپيا في ٻوري گهٽ جي حساب سان خريد ڪري رهيا آهن، جنهن سان آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي.

جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ پاران آبادگارن کان ڪڻڪ خريد نه ڪئي ته اڳتي هلي سنڌ ۾ ڪڻڪ جو شديد بحران پيدا ٿيندو ۽ واپاري مهانگي اگھ تي ڪڻڪ ڏيندا، جنهن سان غريب ۽ مسڪين ماڻهو اٽي وٺڻ لاءِ پريشان ٿيندا.01